جلباڻي غلام حسين پروفيسر

جلباڻي غلام حسين پروفيسر: سنڌ يونيورسٽيءَ جو هر دلعزيز استاد، پروفيسر غلام حسين جلباڻي نوشهري فيروز ضلعي جي جلباڻي ڳوٺ جي مشهور زميندار نظر محمد جلباڻيءَ جو فرزند هو. هي 2 فيبروري 1914ع تي ڄائو، ابتدائي تعليم جلباڻي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. انگريزي چوٿون درجو ڪوڙي مل چندن مل هاءِ اسڪول مان، پنجون ۽ ڇهون درجو نوشهري فيروز مان پڙهيو ۽ مئٽرڪ نووديالا هاءِ اسڪول حيدرآباد مان 1932ع ۾ پاس ڪيائين. مئٽرڪ کان پوءِ فرسٽ ايئر ڪراچيءَ مان ۽ انٽر حيدرآباد مان 1934ع ۾ پاس ڪيائين. بي. اي ممبئيءَ مان فرسٽ ڪلاس، فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪيائين، جنهن تي کيس ڪريم ڀائيءَ پاران 11 هزار روپيا انعام مليو. ايم. اي عربيءَ جي مضمون ۾ ڪراچيءَ مان 1939ع ۾ ڪيائين، ساڳئي سال ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ عربيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ 1947ع ۾ سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پروفيسر ٿيو. ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي کان پوءِ ڊاڪٽر غلام حسين جلباڻي عربي ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي. پروفيسر جلباڻي 10 جنوري 1956ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ عربيءَ جو ريڊر مقرر ٿيو. ٽن سالن کان پوءِ عربي شعبي جو هيڊ ٿيو. سندس طبيعت صوفياڻي مزاج واري هئي، جنهن جي جهلڪ هن جي ڪتابن مان به نظر اچي ٿي، هن ڪيترا ئي ڪتاب ترجمو ڪيا، سندس حافظو مضبوط هو. عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ جا ڪافي شعر ياد هوندا هئس، سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن:

(1) ’ڪيميائي سعادت ‘:هيءُ تصوف آميز اخلاقي ڪتاب آهي، جنهن جو مصنف امام غزالي ۽ هيءُ ڪتاب امام غزاليءَ جي اصل ڪتاب احياءُ علوم الدين جو خلاصو آهي، جنهن جي چئن عنوانن جو اختصاري ترجمو پروفيسر غلام حسين جلباڻيءَ ڪيو هو. ان جا 1960ع، 1970ع ۽ 1989ع ۾ ٽي ڇاپا سنڌي ادبي بورڊ ڇپائي پڌرا ڪيا آهن.

(2) ’ڪاميابي ‘:هيءُ ڪتاب ابن طفيل جي ڪتاب، ’حَئي بِن يقضان‘ جو سنڌي ترجمو آهي. هن ڪتاب جي سنڌي ترجمي ’ڪاميابي‘ جا 1959ع، 1969ع ۽ 1982ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ پاران ٽي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن.

(3) ’پکين جي پارليامينٽ ‘:مشهور ايراني فلسفي شيخ فريد الدين عطار جي ڪتاب ’منطق الطير‘ جو سنڌي ترجمو پروفيسر صاحب ’پکين جي پارليامينٽ‘ عنوان سان ڪيو، جنهن جا 1962ع، 2003ع ۽ 2005ع ۾ ٽي ڇاپا، سنڌي ادبي بورڊ ڇپائي پڌرا ڪيا.





(4) ’عربي سنڌي ڊڪشنري ڀاڱو پهريون‘ (الف کان ظ ):انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي فيبروري 1988ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي.

(5) ’عربي سنڌي لغت ڀاڱو ٻيو‘ (ع کان ي ):1990ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڇپائي پڌري ڪئي.

(6) ڇوٽڪارو، (7) سطعات، (8) لمحات، (9) سلامان ابسال، (10) خوابنامور، (11) تاويل الاحاديث، (12) الطاف القدس، (11) Life of the Holy Prophet، (12) Teaching of Shah Wali ullah Delhi.

سندس هڪ فرزند پروفيسر عطاءُ الله جلباڻي، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ عربي شعبي جو پروفيسر آهي ۽ ٻيو فرزند حاجي عبدالله خان شاد جلباڻي شاعر ۽ اديب آهي، جيڪو وڏي عرصي کان سنڌي ادبي سنگت جلباڻي ڳوٺ جو سيڪريٽري رهندو اچي پيو.





هن صفحي کي شيئر ڪريو